By Naqi Raza
ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل ميچ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪرڪيٽ جي مداحن لاء دلچسپ لمحن سان ڀريل ھوـ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هي مقابلو نہ رڳو پر جذباتي طور پڻ ايشيا ڪپ ۾ پھرين دفع ۴١ سال جي تاريخ ۾ فانل کيڏڻ اھم رھيو آھي.
پر بدقسمتي سان ھن ڀيري بہ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي ڪرڪيٽ مداحن جي اميدن تي پورو نہ لھي سگھي. فائنل ۾ هندوستان کان شڪست ن رڳو ٽيم جي جذبات کي نقصان پھچايو پر ھي وري وري پاڪستان ساڳئي ٽورنامينٽ ۾ انديا کان ھاراءڻ لاء ٽيم مينيجمينٽ آڏو سوال پيدا ڪري ٿوـ
ميچ دوران پاڪستاني رانديگرن جي ڪارڪردگي ۾ نظر ايندڙ خاميون بيسٽمين جي ڪمزور ڪارڪردگي بيٽنگ لائن اپ غلطيون آھن جيڪي ٽيم کي ھارائڻ لاء سبب رھياـ ڪرڪيٽ ۾ سياست جي شموليت, رانديگرن جا تڪرار, غير اخلاقي سيليبريشن ۽ مداحن ڏانھن نازيبا اشارا ڪرڪيٽ جي ماحول ۾ اثر اندوز ٿياـ
ميچ کان پوء اختتامي تقريب ۾ بہ سياست جي چڪتاڻ جو ماحول نظر آيوـ ٽيم انڊيا ٽرافي قبول ڪرڻ تي انڪار ڪيو ۽ بغير ٽرافي تي جشن منايوـ
ھٿ نہ ملاڻ, ڊريسنگ روم جو دروازو بند رکڻ ۽ پريس ڪانفرنس ۾ تڪرار گفتگو ڪرڪيٽ جي اصولن تي سوال اٿاريوـ
ميڊيا رپورٽن ڪجھ سيئنر رانديگرن انديا جي ھن فيصلي سان اختلاف ظاھر ڪيو جنھن ۾ شاھد آفريدي ويرات ڪوھلي ۽ ٻيا نامور رانديگر شمار آھن۔
ھن تڪرار ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث اي سي سي چيئرمين پاڪستان جي انٽيرير منسٽر
محسن نقوي تي ٿي ـ جن کي انڊيا ٽيم پاڪستاني ھئڻ ڪري ٽرافي ھٿن سان نہ وٺڻ جو ذريعو ڪرار ڏنو . محسن نقوي ميچ کان پوء سوشل ميڊيا تي پنهنجي ناراضگي جو اظھار ڪيو ۽ رانديگرن وچ ۾ اختلافن کي بہ ظاھر ڪيوـ سندس مطابق ٽيم ۾ ڪجھ پلير پنهنجي ذميدارين کي نظرانداز ڪري رھيا آھن جيڪا انتظاميا لاء ھڪ چيلينج بڻيل آھي ـ جيڪا سوشل ميڊيا ۾ بحث ۽ تنقيد جو موضوع رھيوـ ھن موقعي تي مداحن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪاڪردگي تي مايوسي اظھار ڪيو ۽ ڪجھ رانديگرن جي رويي تي تنقيد ڪي ـ ھن ۾ چيو ت ٽيم راند جي اصولن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ ٽرافي ن کڻڻ جي فيصلي دلين ۾ افسوس پيدا ڪيو ـ
ان کان علاو سينئر رانديگرن به پنهنجا خيال ظاهر ڪندي چيو شڪست کان پوءِ ٽيم ۾ بھتر ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن ٽيم ۾ مضبوط تعاون ۽ قيادت جون صلاحيتون ھجن ھا تہ اهڙا مسئلا پيدا نه ٿين ھا ـ
اھڙين حالتن ۾ ڪرڪيٽ ماهرن ٽيم جي مستقبل لاء ڪجھ سفارشون ڪيون
جنهن ۾ نوجوان رانديگرن کي تربيت، سينئر جو رھنماي ڪندڙ ڪردار بهتر انتظام جي حڪمت عملي ۽ ٽيم ورڪ شامل آهن ـ
نتيجي ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته ايشيا ڪپ 2025 پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ ڪيترائي اهم سبق ڇڏيا آهن. ٽيم کي ٽيڪنيڪل ۽ اخلاقي پهلون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ کي هن شڪست مان سکڻ گهرجي، ٽيم جي اندروني خامين کي دور ڪرڻ گهرجي ۽ مستقبل جي ٽورنامنٽ لاءِ هڪ مضبوط ۽ متحد ٽيم تيار ڪرڻ گهرجي.
ٽيم کي سياست جي نظر کان پري رکڻ سان پاڪستاني ڪرڪيٽ نه رڳو هندستان جي خلاف پر ٻين مضبوط ٽيمن جي خلاف به بھترين ڪارڪردگي جي اميد رکجي سگھي ٿي ـ
Discover more from The Media Lenses
Subscribe to get the latest posts sent to your email.


